تاريخ سنڌ 2

تاريخ سنڌ 2 (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف منشي ٽوپڻ مل آهي، جنهن هيءُ تاريخ 1259هه/ 1843ع کان اڳ لکي. اها تاريخ نواب فتح محمد خان ولد نواب ولي محمد خان لغاريءَ (متوفي 1248هه/ 1832ع) جي فرمائش تي لکي وئي. نواب ولي محمد خان لغاري، ٽالپري عهد جو اميرالامراءُ، بهادر جرنيل، فاضل اديب ۽ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. ”مثنوي هير رانجهو“، ”ديوان ولي“ ۽ ”طب ولي“ (نزهت الابدان) سندس يادگار تصنيفون آهن. 152 صفحن تي مشتمل هن تاريخ ۾، سنڌ جو سرسري خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ڪي واقعا منجهس اهڙا به آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ نه ٿا ملن. ڪتاب ۾ 1259هه/ 1843ع تائين جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو (25 ورق) تيمور کان وٺي 1216هه/ 1801ع تائين، ۽ ٻيو حصو (25 کان 73 ورق) تاريخ سنڌ تي ابتدائي برطانوي تسلط (1843ع). هن تاريخ جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتابت جي تاريخ 26 جمادي الثاني 1292هه/ 1875 آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو